آفتاب ابڙو

آفتاب ابڙو

آفتاب ابڙو

آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي مشھور اديب، لسانيات جي ماهر، لغت نويس ۽ مترجم آفتاب ابڙي جو اصل نالو عبدالله ابڙو آهي. هن پهرين مارچ 1956ع تي، ابڙا قبيلي جي ’ڪماريو‘ پاڙي جي ڳوٺ ’گابر مسڻ‘، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ حافظ سعدالله جي گهر ۾ جنم ورتو. هن 1978ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم.اي ڪئي، 2011ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۾ ”سنڌي رسم الخط جي اوسر“ جي عنوان تي مقالو لکي، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. آفتاب ابڙو سنڌي، اردو، انگريزي، سرائڪي ۽ پنجابي ٻولين جي ڄاڻ رکي ٿو. ان سان گڏ پالي ٻولي ۽ خداوادي خط بابت کيس سٺي ڄاڻ آهي. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پبليڪيشن جي حيثيت ۾ ثقافت کاتي جا ڪجهه ڪتاب مرتب/ايڊٽ ڪيا اٿس. ماهوار ’پيغام‘ ۽ ’سنڌ ماحول‘ جو ايڊيٽر، ماهوار ’ڪريسينٽ‘ جو صلاحڪار ۽ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو باني ميمبر ۽ صلاحڪار رهيو آهي. سندس تصنيفن ۾: ’شاهه جي ٻولي‘ (1990ع)، ’شاهه عبداللطيف بحيثيت مُفڪر‘ (ترتيب: 1990ع)، ’جونيئر اسڪول ڊڪشنري‘ (1992ع)، ’نم جو وڻ‘ (1997ع)، ’ماحول بابت استادن جي سکيا‘ (1997ع)، ’ماحول بابت سماجي ڪارڪنن جي سکيا‘ (1997ع)، ”مختلف دورن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي“، ”اولياءِ سنڌ جي تاريخ“ (اردو)، علامه آءِ. آءِ قاضي“ (شخصيت)، ”مهتاب اڪبر راشدي“ (شخصيت ۽ فن)، ”جامع لغت لطيف“ (جلد پهريون: شاهه لطيف چيئر، ڪراچي)، ”پيڪاڪ اسڪول ڊڪشنري“، ”مئٽرڪ تائين پهرين اسڪول ڊڪشنري“، ”علم لغت-شاهه لطيف جي حوالي سان“ (سنڌي ٻوليءَ ۾ ان موضوع تي پهريون ڪتاب) شامل آهن. ان کان علاوه ماحول جي بنيادي موضوعن بابت سنڌي ۽ اردوءَ ۾ 12 ڪتابڙا لکي چڪو آهي. سندس پي ايڇ. ڊي ٿيسز ڇپائي هيٺ آهي. ان کان علاوه ايڊيٽر- انسائيڪلوپيڊيا شاهه لطيف (شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي) ايڊيٽر- مفصل سنڌي لغت (سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو) سندس اهم ذميواريون آهن. ڊاڪٽر آفتاب ابڙي اطلاعات کاتي مان ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ رٽائر ڪرڻ کانپوءِ پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز جي نالي سان پنهنجو اشاعتي ادارو قائم ڪري، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي.


لفظ آفتاب ابڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.03.01  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي مشھور اديب، لسانيات جي ماهر، لغت نويس ۽ مترجم آفتاب ابڙي جو اصل نالو عبدالله ابڙو آهي. هن پهرين مارچ 1956ع تي، ابڙا قبيلي جي ’ڪماريو‘ پاڙي جي ڳوٺ ’گابر مسڻ‘، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ حافظ سعدالله جي گهر ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صابري عبدالغفار مولانا
ديوان ننديرام
سيد شاهه محمد شاهه
خليق مورائي
حاجن شاهه هموطن سيتائي
عالم سجاولي پير
حبيب سنائي
لياقت جوڻيجو
غلام مصطفيٰ سولنگي 2
رضا علي عابدي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون